اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن پاران قائداعظم محمد علي ??ناح جي 148هين جنم ڏهاڙي جي حوالي ??ان تصويرن جي نمائش منعقد ڪئي وئي. انفارميشن ??روس اڪيڊمي ۾ پاڪستان جي باني باباءِ قوم قائداعظم محمد علي ??ناح جي ناياب تصويرن ۽ پينٽنگس جي نمائش منعقد ڪئي وئي، جنهن جو مقصد نوجوان نسل کي باباءِ قوم جي يادگار جدوجهد ۽ الڳ وطن لاءِ ڏنل قربانين بابت آگاهي ڏيڻ آهي. نمائش دوران قائداعظم محمد علي ??ناح جي زندگيءَ ۽ ڪاميابين جي عڪاسي ڪندڙ دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي. ان موقعي تي انفارميشن ??روس اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر جنرل سيد مبشر توقير شاهه تقريب جو خاص مهمان هو، جڏهن ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن ??ي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عمرانه وزير، ڊائريڪٽر جنرل ثمينه فرزين ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊي جي انفارميشن ??روس اڪيڊمي سيد مبشر توقير شاهه ڳالهائيندي قائداعظم محمد علي ??ناح کي اميد ۽ عزم جو مجسمو قرار ڏنو، جنهن جو اڻ ٿڪ عزم پاڪستان قائم ٿيڻ جو سبب بڻيو. هن ڊجيٽل تصويري نمائش جي ڪامياب انعقاد تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي قدمن ۽ تقريب ۾ اسلام آباد جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن کي شامل ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. سيد مبشر توقير شاهه چيو ته اسان کي پنهنجي روز مره جي زندگي ۾ قائداعظم جي نظريي تي عمل ڪرڻ گهرجي. تقريب دوران قائداعظم جي جنم ڏينهن جي حوالي ??ان پينٽنگ ۽ تصويري نمائش جي مقابلي ??ي فاتح شاگردن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا. هن نمائش ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن جي فني ۽ فڪري ڪوششن کي ساراهيو ۽ نمائش جو دورو ڪيو. نمائش ۾ فن سان لڳاءُ رکندڙ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي آخر ۾ قائداعظم جي جنم ڏينهن جي مُناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.
ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن پاران قائداعظم جي جنم ڏهاڙي جي حوالي سان تصويرن جي نمائش منعقد
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ