اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته معاشري ۾ ام?? قائم ڪرڻ ۾ پوليس جو اهم ڪردار آهي، ام?? ۽ ترقي هڪٻئي لاءِ ضروري آهن، ڪنهن به معاشري يا ملڪ جي ترقي جو دارومدار اتي جي ام?? امان جي صورتحال تي هوندو آهي، جتي ام?? هوندو، اتي سيڙپڪاري، تعليمي موقعا، روزگار ۽ معيشت کي هٿي ملندي. اسلام آباد ۾ پوليس عوام سان گڏ جي نئين فيز جي شروعات تي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ام?? ۽ ترقي جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. ام?? کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اسان ک?? چئلينجن ک?? موقعن ۾ بدلائڻو آهي، معاشري ۾ ام?? قائم ڪرڻ لاءِ پوليس کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته اسان نوجوانن ک?? ميرٽ تي ليپ ٽاپ ڏنا، نوجوانن ۽ عورتن ک?? بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پوليس سميت ٻين شعبن ۾ عورتون اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته معاشري ۾ ام?? امان قائم ڪرڻ ۾ پوليس جو ڪردار انتهائي اهم آهي. هن چيو ته پوليس عوام جي تحفظ ۽ قانون جي عملداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ بنيادي ادارو آهي. پوليس جو ڪردار نه رڳو ڏوهن جي روڪٿام پر سماجي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ به اهم حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته هڪ مضبوط ۽ منظم پوليس فورس ام?? جي قيام ۽ شهرين جي اعتماد جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. ان سان گڏ ئي هن پوليس کي جديد تربيت ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو ته جيئن هو وڌيڪ موثر طريقي سان پنهنجا فرض سرانجام ڏئي سگهن. هن چيو ته ام?? کانسواءِ داخلي مسئلا پيدا ٿيندا آهن پر پرڏيهي سيڙپڪار به اهڙن ملڪن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن، جنهن سان ترقي جو عمل رڪجي ويندو آهي. هڪ مستحڪم ۽ پرامن ماحول ئي معيشت کي مضبوط ڪرڻ، بنيادي ڍانچي جي تعمير ۽ عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ضروري آهي. اهو ئي سبب آهي ته حڪومتن ک?? ام?? امان جي قيام لاءِ موثر قدم کڻڻ ۽ عوام ۾ گڏيل اتحاد ۽ يڪجهتي کي هٿي ڏي?? تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ام?? ئي اهو بنياد آهي جنهن تي ترقي جي عمارت بيهاري سگهجي ٿي.
معاشري ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ پوليس جو اهم ڪردار آهي، امن ۽ ترقي هڪٻئي لاءِ ضروري آهن: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ