لاهور-31 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته سک ياترين لاءِ اسان جا دروازا هميشه کُليل آهن، سک برادري جي وي??ائن جا مسئلا حل ڪيا وي??، سک ياترين لاءِ پاڪستاني وي??ا فيس نه هوندي، ايندڙ سال ڪرڪيٽ چيمپئن ٽرافي ۾ ڀارتين لاءِ اس??يش?? ڪوٽا رکي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه آمريڪا مان آيل 44 رڪن?? سک ياترين جي وفد سان هتي اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفد جي اڳواڻي ڊاڪٽر دلوير سنگهه پنون، سرجيت سنگهه هوٿي ۽ ٻين ڪئي. وفاقي گهرو وزير چيو ته پاڪستان آيل سک برادريءَ کي مسئلن کي مُنهن ڏيڻو پوندو هو پر ڪجهه عرصي ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ سک برادري جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان اچڻ جي خواهشمند سک ياترين کي وي??ا اِشو جو مسئلو هوندو هو، اسان سک برادري جي سهولت لاءِ وي??ائن کي آن لائن ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته آمريڪي، ڪئنيڊين ۽ يو ڪي پاسپورٽ رکندڙ سک برادري آن لائن فارم جمع ڪرائين ۽ 30 منٽن ۾ وي??ا حاصل ڪن. آن لائن وي??ا جي ڪا فيس ناهي، اها سهولت ڀارتي ڄاون آمريڪا، ڪئنيڊا ۽ برطانيه ۾ ترسيل سک برادري لاءِ پڻ آهي. هن چيو ته سک برادري لاءِ وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي، اوهان سال ۾ 10 ڀيرا پاڪستان اچو هر ڀيري اوهان کي ڀليڪار چونداسين. آن لائن وي??ا لاءِ صرف فارم ڀرڻو آهي، وي??ا 30 منٽن ۾ اوهان جي هٿن ۾ هوندو. محسن نقوي چيو ته جهڙيءَ طرح مسلمانن لاءِ سعودي عرب مقدس آهي اهڙيءَ طرح سک برادري لاءِ پاڪستان، جڏهن ته هت?? سک برادري جي ٻين ماڳن کي پڻ کوليو ويندو، وزٽ لاءِ اجازت نامي جي ضرورت نه هوندي. هن واضح ڪيو ته حسن ابدال، ڪرتارپور، ننڪانه صاحب لاهور کان سواءِ ٻين ماڳن تي به وڃي سگهو ٿا. ان سلسلي ۾ جيڪي مسئلا آهن انهن کي حل ڪنداسين. تازن ڏينهن ۾ پاڪستان حڪومت 124 ملڪن لاءِ وي??ا فري ڪئي آهي. آمريڪا ۾ آيل سک ياترين جي وفد مهمان نوازي تي وفاقي وزير جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته فري آن لائن وي??ا سروس س??ن تمام گهڻي سهولت ملي آهي. ان موقعي تي ناليوارو صنعتڪار ڪا??ف اشفاق ۽ ٻيا عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا.
سک ياترين لاءِ اسان جا دروازا هميشه کُليل آهن، ويزائن جا مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن: محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ