اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پارليامينٽ عوامي اُمنگن جي ترجمان آهي، آئيني حدن اندر رهندي ان کي طاقتور بڻائڻ چاهيون ٿا، ڄاڻايل آئيني ترميمن جو انداز ميثاق ج??هوريت جا دستاويز آهن، ان??ن ترميمن کي مڪمل اتفاق راءِ کانپوءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي بچاءَ واري وزير چيو ته اسان جي شعور ۾ اهي ڄاڻايل ترميمون آئيني معاملن کي متوازن بڻائڻ آهي. ڄاڻايل آئيني ترميمن جو انداز محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف وچ ۾ طئي ٿيل ميثاق ج??هوريت آهي. ان ۾ ڪا سياست نه هئي نه ان کي سياسي رنگ ڏنو پئي ويو. ان??ن ترميمن تي اتفاق راءِ ٿي وئي ته انشاءَ الله اهو ايوان ۾ به ايندو. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 63 اي ۾ به ترميمن جي تجويز آهي. آئيني عدالت جي ضرورت جو ذڪر به ميثاق ج??هوريت ۾ آهي. ڪيت??ن ئي ملڪن ۾ آئيني عدالتون موجود آهن. عدالتن ۾ 25-25 سالن تائين ڪيس ٻُڌڻيءَ هيٺ آهن ۽ ڪيترائي بيگناهه ماڻهو به سزا ڀوڳي رهيا آهن. عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي آسان بنائڻ جي ان ڪوشش ۾ اسان جو ڪو سياسي فائدو ناهي. هن چيو ته اعليٰ عدليه جي بحاليءَ کان پوءِ هڪ سينيئر جج جي مشاورت سان ججن جي مقرري جو طريقيڪار بڻايو ويو آهي. اسان آئين موجب ان معاملي ۾ به ان ايوان جي ڪردار کي اثرائتو بڻائڻ چاهيون ٿا. اسان نٿا چاهيون ته پارليامينٽ رٻڙ اسٽيمپ طور ڪم ڪري، جيڪو اسان جو حق بڻجي ٿو اهو اسان کي ملڻ گهرجي. آئين پارليامينٽ کي جيڪا عزت ۽ وقار ڏيڻ چاهي ٿو اسان ان کي لاڳو ڪرڻ چاهيون ٿا، ان ۾ اسان جو ڪو سياسي مفاد ناهي. ميثاق ج??هوريت جي مسودي کي اسان ان سڄي عمل لا??ِ مشعل راهه طور استعمال ڪيو آهي. ڪوبه باشعور شخص يا ادارو ان??ن تجويزن سان اختلاف نٿو ڪري سگهي. اسان آئين کي ان شڪل ۾ آڻينداسين جيڪو ميثاق ج??هوريت سان مطابقت رکندو هجي.
پارليامينٽ عوامي اُمنگن جي ترجمان آهي: خواجه محمد آصف
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria