ڪوئيٽا – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وفا??ي گهرو وزير م??سن نقوي بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ دهشتگردي جي واقعن کانپوءِ ڪوئيٽا جو دورو ڪيو. وفا??ي گهرو وزير ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي وچ ۾ ملاقات ٿي ۽ هنن امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. ڪوئيٽا اچڻ تي صوبائي وزيرن اسفند يار ڪاڪڙ ۽ علي مدد جتڪ وفا??ي گهرو وزير م??سن نقوي جي آجيان ڪئي. آءِ جي پوليس بلوچستان، ايڊيشنل گهرو چيف سيڪريٽري ۽ اعليٰ عملدار پڻ ايئرپورٽ تي موجود هئا. وزيراعليٰ هائوس اچڻ تي وڏي وزير سرفراز بگٽي وفا??ي گهرو وزير جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ بلوچستان ۾ امن امان ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفا??ي گهرو وزير ۽ بلوچستان جي وڏي وزير دهشتگردي جي تازن واقعن جي پرزور م??مت ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ??هي??ن جي قربانين کي خراج عق??دت پيش ڪيو ۽ ??هي??ن جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي. وفا??ي گهرو وزير ۽ بلوچستان جي وڏي وزير ??هي??ن جي خاندانن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته هي جنگ هر پاڪستاني جي جنگ آهي. وفا??ي گهرو وزير يقين ڏياريو ته بلوچستان ۾ امن جي لاءِ وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون ڪندي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته امن امان يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻي رهيا آهيون، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا عنصر تخريبي ڪاررواين ۾ ملوث آهن. بعد ۾ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ۽ وفا??ي گهرو وزير م??سن نقوي جي صدارت ۾ خصوصي اجلاس ٿيو. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن بابت بريفنگ ڏني وئي. وفا??ي گهرو وزير م??سن نقوي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي اڄ ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ اسان بلوچستان حڪومت ۽ عوام جي سپورٽ جي لاءِ آيا آهيون. وفاقي حڪومت بلوچستان جي عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ دهشتگردن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اجلاس ۾ بلوچستان جي چيف سيڪريٽري، ايڊيشنل گهرو چيف سيڪريٽري، انسپيڪٽر جنرل پوليس، آءِ جي فرنٽيئر ڪور نارٿ، آءِ جي فرنٽيئر ڪور سائوٿ، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي، ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ، ڊي جي ليويز ۽ قانون لاڳوڪندڙ ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ دهشتگردي جي واقعن کانپوءِ ڪوئيٽا جو دورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں