آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس گذريل ڏهاڪن دوران ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن ۾ مثبت اڳڀرائي ۽ واڌ ک?? ساراهيندي گڏيل لاڀائتي تعاون، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪي?? آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو جي وچ ۾ ايس سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿيل ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته ملاقات ۾ سياسي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ف??جي سهڪار ۽ علائقائي معاملن سميت مختلف معاملن تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف بيلاروس جي صدر لوڪا شينڪو کي ايس سي او جي ميمبرشپ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ان سان ايس سي او کي وڌيڪ مضبوطي ملندي. هن برآمداتي ترقي، عوام جي معاشي ??ور تي مضبوطي ۽ دوست ملڪن کي سيڙپڪاري طرف راغب ڪرڻ وسيلي پاڪستان جي اقتصادي بحالي جي پاليسي کي اجاگر ڪي??. ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقائي ترقي اتي پڻ خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي. جڏهن ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) تحت ڪم جي مختلف رخن تي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو. جڏهن ته وزيراعظم هڪ پرامن ۽ مستحڪم خطي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ خواهشن کان آگاهه ڪي??.
پاڪستان ۽ بيلاروس پاران ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن ۾ مثبت اڳڀرائي ۽ واڌ جي ساراهه، گڏيل لاڀائتي تعاون، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل