اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته عوام ۾ تحقيق جي رجحان کي فروغ ڏيڻو پوندو، ڊيجيٽل ميڊيا جي دور ۾ نوجوانن ۾ علم جي فروغ جي لاءِ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن ڊسپلي سينٽر قائم ڪري بهترين ڪوشش ڪئي آهي. اها ڳالهه هن پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن (DEMP) پاران قائم ڪيل پهرين ڊسپلي سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گران وفاقي وزير چيو ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن 2012ع ۾ ٻن ادارن ج?? انضمام سان قائم ٿيو، ڊائريڪٽوريٽ آف فلم پبلي ڪيشن پاڪستان ٺهڻ کان اڳ موجود هو. هن چيو ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن تمام ئي ناياب قسم جا ڪتاب ۽ تصويرون شايع ڪري ??هي?? آهي. هن اداري جون پبلي ڪيشنز قائداعظم جي مزار، شڪر ??ڙين، لوڪ ورثه ۽ عام مارڪيٽ ۾ پڻ دستياب آهن. هن چيو ته DEMP جا ڊسپلي سينٽر ٻين جاين تي پڻ قائم ڪيا ويندا. نگران وفاقي وزير چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن ماڻهن ۾ پڙهڻ لکڻ ۽ تحقيق جو رجحان گهٽ ٿي ??هي?? آهي، هن اداري عوام ۾ تحقيق جي رجحان کي فروغ ڏنو، ڊسپلي سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ DEMP جي پوري ??يم تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ ٿوري ??قت ۾ ڊسپلي سينٽر قائم ڪرڻ کي ممڪن بڻايو جنهن ت?? ان جا ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته ڊسپلي سينٽر ۾ رکيل ڪ??اب ۽ پبلي ڪيشنز اعليٰ معيار جون آهن. هن چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا جي دور ۾ نوجوانن ۾ علم جو فروغ لازمي آهي.
عوام ۾ تحقيق جي رجحان کي فروغ ڏيڻو پوندو: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر