اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ واپار بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو آهي ته 40 سال اڳ سعودي عرب جي حڪومت پاڪستانين کي شاهه فيصل مسجد جو تحفو ڏنو، هاڻ ان مسجد کي وڌيڪ خوبصورت بنائڻ لاءِ ان جي رنگ روغن ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيد المالڪي سان گڏ شاهه فيصل مسجد جي دؤري جي موقعي تي خيالن جو اظهار ??ري رهيو هو. گهرو معاملن وارو سيڪريٽري آفتاب اڪبر دراني، ضلعي انتظاميه ۽ سي ڊي اي جا عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. گهرو و??ير سعودي سفير سان گڏ ظهر جي نماز ادا ڪئي، جنهن کان پوءِ هنن شاهه فيصل مسجد جي مرڪزي هال ۽ وڏي اڱڻ ۾ مختلف هنڌن جو معائنو ڪيو. صحافين ڳالهائيندي نگران وفاقي وزير چيو ته جڏهن مون گهرو و??ارت جو منصب سنڀاليو ته پهرئين ??معي جي نماز شاهه فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي. سعودي سفير جو شڪرگذار آهيان جنهن ذاتي دلچسپي وٺندي شاهه فيصل مسجد جي رنگ روغن شروع ڪرايو، هن چيو ته شاهه فيصل مسجد جو شمار پاڪستان جي خوبصورت ترين مسجدن ۾ ٿئي ٿو. ان موقعي تي سعودي سفير چيو ته سعودي حڪومت طرفان شاهه فيصل مسجد پاڪستانين لاءِ هڪ تحفو آهي. هاڻ ان مسجد ۾ رنگ روغن شروع ڪيو ويو آهي. گهرو و??ير سميت ٻين ??سٽيڪ هولڊرز شاهه فيصل مسجد جي رنگ روغن ۾ تعاون ڪري رهيا آهن، اهو ڪم جلد مڪمل ٿي ويندو.
شاهه فيصل مسجد جي رنگ روغن ٿي رهي آهي: نگران گهرو وزير جي سعودي سفير سان گڏ فيصل مسجد جي دؤري جي موقعي تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ