دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 28) جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ جمعي ڏينهن دبئي ايڪسپو سٽي پهچندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان ۽ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس دبئي ايڪسپو سٽي اچڻ تي نگر??ن وزيراعظم جي آجيان ڪندا. نگر??ن وزيراعظم اڄ ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي شروعاتي سيشن ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس جي سائيڊ لائينز تي نگر??ن وزيراعظم نيدرلينڊ ۽ استونيا جي وزيراعظمن سان ملاقاتون متوقع آهن. نگر??ن وزيراعظم زيد سسٽين ايبلٽي ايوارڊ جي تقريب ۾ به شريڪ ٿيندو. نگر??ن وزيراعظم سان گڏ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني، ناڻي واري نگر??ن وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، موسمياتي تبديلي وارو نگر??ن وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ۽ توانائي وارو نگر??ن وفاقي وزير محمد علي به ڪوپ – 28 ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.
نگران وزيراعظم ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي شروعاتي سيشن ۾ شرڪت ڪندو
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث