اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ذه??ي صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي سطح تي پاليسي ٺاهڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي 24 سيڪڙو آبادي کي ذه??ي صحت جا مختلف مسئلا درپ??ش آهن، ذه??ي صحت جي خدمتن جي فراهمي جي لاءِ اداراجاتي فريم ورڪ قائم ڪرڻو پوندو، نفسياتي مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ضرورت آهي. هو ذه??ي صحت بابت اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ صحت واري نگران وفاقي وزير سميت صوبائي کاتن ۽ نفسياتي صحت تي ڪم ڪندڙ ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي صحت واري وزارت پاران ذه??ي صحت جي ايپ ”همراز“ تي روشني وڌي وئي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ا??ريل 2023ع ۾ ۾ قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين 240000 کان وڌيڪ ڪالز موصول ٿي چڪيون آهن. صدر ذه??ي صحت جي خدمتن جي فراهمي لاءِ همراز ايپ قائم ڪرڻ کي ساراهيو ۽ ذه??ي صحت تي معاونت جو نظام بهتر ڪرڻ ۽ همراز ايپ موثر بڻائڻ تي زور ڏنو. صدر چيو ته ذه??ي صحت پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم مسئلو آهي، سرڪاري ۽ نجي شعبن جي مهارت استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي، ذه??ي صحت بابت سمورن قدمن تي هڪ ٺوس موقف اختيار ڪرڻو پوندو. صدر پيشيور ماڻهن جي کوٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ آن لائين تربيت، انساني وسيلن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ نفسياتي معاونت فراهم ڪرڻ، مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ خاندان جي ڪردار تي روشني وڌي. اجلاس ۾ لاڳاپيل وزارتن، آمريڪا ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني نفسياتي تنظيمن سميت مختلف ڌرين جي مدد سان ٺوس موقف جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صحت واري نگران وفاقي وزير صحت جي مختلف مسئلن بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ خاتون اول جي ڪردار کي ساراهيو. ه?? اميد ظاهر ڪئي ته ا??وان صدر جي قائم ڪيل روايت برقرار رهندي ۽ ان تي عمل جاري رکيو ويندو.
ذهني صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي سطح تي پاليسي ٺاهي وڃي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس