اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مر??ضي?? سولنگي پاڪستان ۾ سعودي عر?? جي سفير نواف سعيدالمالڪي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عر?? جي وچ ۾ ميڊيا ۽ ڪميونيڪشنز جي شعبي ۾ طئي ٿيل معاهدن تي عملدرآمد جي رفتار تيز ڪرڻ، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا ۽ ڊرامي سميت ٻين لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم جو بين المذاهب هم ??هنگي جي لاءِ خصوصي نمائندو علامه طاهر محمود اشرفي پڻ موجود هو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عر?? جي وچ ۾ ابلاغيات جي شعبي ۾ گڏيل تعاون جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير سعودي سفير جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي 12 نومبر تي اجلاس جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مر??ضي?? سولنگي سعودي عر?? پاران اسلامي تعاون تنظيم جو سربراهي اجلاس گهرائڻ جي ??جي??ن ڪندي چيو ته باني ميمبر طور پاڪستان او آءِ سي قائم ٿيڻ جي مقصدن ۽ ان جي وڌيڪ مضبوطي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو، مسلمان امت جي مفادن جي تحفظ ۾ او آءِ سي جي ڪردار جي سگهه ۽ ان ڏس ۾ سعودي عر?? جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جو سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سعودي سفير اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير کي سعودي عر?? جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مر??ضي?? سولنگي سعودي سفير نواف سعيد المالڪي جا دوري جي دعوت تي ٿورا مڃيا.
اطلاعات ۽ نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی