اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي معاشري ۾ مالي پاڻڀرائپ جي فروغ لاءِ حڪمت ع??لي جوڙڻ ۽ بي آءِ ايس پي جي ڊيٽابيس کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پ??وگ??ام جي بينيفشريز جي لاءِ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب فني تربيت جي فراهمي سان اهل ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پ??وگ??ام (بي آءِ ايس پي) جي حوالي سان هڪ جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بينظير انڪم سپورٽ پ??وگ??ام جي چيئرپرسن ڊاڪٽر امجد ثاقب، غربت جي خاتمي واري وزارت جي سيڪريٽري يوسف خان ۽ ٻين سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي پ??وگ??ام جي هيستائين جي نتيجن ۽ مستقبل جي حڪمت ع??لي بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بينظير انڪم سپورٽ پ??وگ??ام سان پوري ملڪ ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ خاندانن جا 6 ڪروڙ ماڻهو فائدو کڻي رهيا آهن جڏهن ته هن سال پ??وگ??ام جي ڪل بجيٽ 471 ارب رپيا آهي. نگران وزيراعظم بينظير انڪم سپورٽ پ??وگ??ام تحت مستحق خاندانن جي معاونت تي پ??وگ??ام جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. نگران وزيراعظم چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پ??وگ??ام جا نتيجا انتهائي خوش آئنده آهي پر پاڪستان جو پائيدار مستقبل ماڻهن جي مالي پاڻڀرائپ سان واڳيل آهي. ان حوالي سان نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي معاشري ۾ مالي پاڻڀرائپ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪمت ع??لي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته بينظير انڪم سپورٽ پ??وگ??ام جو هڪ بهترين ڊيٽابيس آهي جنهن کي ٽارگيٽيڊ سبسڊيز جي لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي پاڪستان حڪومت ۽ مقامي انسان دوست تنظيمن جي وچ ۾ حصيداري جي حڪمت ع??لي تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پ??وگ??ام جي بينيفشريز جي لاءِ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب فني تربيت جي فراهمي سان اهل ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندا. نگران وزيراعظم چيو ته وڏا ڪاروباري ادارا ۽ سرندي وارا ماڻهو ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبليٽي تحت بينظير انڪم سپورٽ پ??وگ??ام جا حصيدار بڻجن. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته بينظير انڪم سپورٽ پ??وگ??ام مقامي خيراتي ۽ فل??حي تنظيمن سان پارٽنرشپ ڪري. نگران وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان رياست ڪمزور طبقن جي هر ممڪن مدد ڪندي ته جيئن اهي هڪ پراميد زندگي گذاري سگهن.
نگران وزيراعظم پاران لاڳاپيل عملدارن کي معاشري ۾ مالي پاڻڀرائپ جي فروغ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ بي آءِ ايس پي جي ڊيٽابيس کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔