اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه واپار، زراعت، توانائي، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي ۽ دفاع ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهي ٿو، ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا نوان ۽ پرڪشش موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) ق??ئم ڪئي وئي آهي. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ??رڪيه جي سفير مهمت پيڪاسي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران نگران وزيراعظم صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪ قيادت پاران ??هدو سنڀالڻ تي مبارڪباد وارن پيغامن تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستاني عوام جا ترڪيه سان تاريخي، ثقافتي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، صدر اردوان کي پاڪستان ۾ به ايتري ئي مقبوليت حاصل آهي جيترو هو پنهنجي ملڪ ۾ مقبول آهي. نگران وزيراعظم فيبروري 2023ع جي تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ ترڪيه جي نئين سر تعمير جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ترڪ عوام جي هر ممڪن مدد جاري رکڻ جي لاءِ پاڪستان ??ي تياري جو ورجاءُ ڪيو. ٻطرفن لاڳاپن تي نگران وزيراعظم چيو ته ٻئي ملڪ واپار، زراعت، توانائي، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي ۽ دفاع ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهن ٿا، پاڪستان ??يرملڪي سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جو خواهشمند آهي انهي لاءِ ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا نوان ۽ پرڪشش موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) ق??ئم ڪئي وئي آهي. نگران وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي پاڪستان ??ي پراڻي ۽ ثابت قدم حمايت تي ترڪيه کي ساراهيو، مضبوط ۽ وقت تي ساٿ ڏيندڙ ٻطرفن لاڳاپن کانسواءِ پاڪستان ۽ ترڪيه اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن سميت وسيع علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن تي هڪ ٻئي سان هم آهنگي ۽ ويجهو تعاون ڪن ٿا.
پاڪستان ۽ ترڪيه واپار، زراعت، توانائي، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي ۽ دفاع ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهي ٿو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون