اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوئيڊن ۾ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ??هي ته او آءِ سي جي پليٽ فارم تان ان شيطانيت جي تدارڪ جي گڏيل حڪمت عملي ٺاهينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته او آءِ سي کي مسلمان امت جي احساسن جي ترجماني ۽ ان شيطاني?? کي روڪرائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪرڻو آهي. تورات، انجيل ۽ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي اجازت ڏيڻ جي فيصلي کي تبديل ڪرڻ جي مهم هلائينداسين. مقدس ڪتابن، هستين ۽ شعائر جي بي حرمتي اظهار جي نه دنيا کي مستقل آزار ڏيڻ جي آزادي آهي. هن چيو ته واقعن جو تسلسل ۽ ترتيب ان ڳاله?? جو ثبوت ??هي ته اهو اظهار نه پر سياسي ۽ شيطاني ايجن??ا جو حصو آهي. پوري اسلامي دنيا ۽ مسيحي دنيا کي گڏجي ان سازش کي روڪڻو پوندو. هن چيو ته شيطان جا پيروڪار ان ڪتاب جي بي حرمتي ڪري رهيا آهن جنهن انسانن کي عزت ڏني، حق ۽ رهنمائي ڏني. تورات ۽ انجيل جي بي حرمتي جي اجازت ڏيڻ جي فيصلي سان بي حرمتي ڪندڙن جي حوصلا افزائي ٿي. هن چيو ته اهو نفرت جو فروغ ??هي جنهن جي عالمي قانون اجازت نه ٿو ڏي. مذهبي جذبا ڀڙڪائڻ، اشتعال انگيزي، دهشتگردي ۽ تشدد تي اتساهڻ جا اهي رويا دن??ا جي امن جي لاءِ هاڃيڪار آهن. هن چيو ته اهي رويا قانوني ۽ اخلاقي ٻنهي لحاظ کان ئي شديد نفرت جوڳا ۽ مذمت جوڳا آهن.
وزيراعظم پاران سوئيڊن ۾ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ