اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڄ اڱاري ڏينهن سڄي دنيا ۾ آبادي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. اڄ جي ڏينهن اسان کي دنيا جي وڌندڙ آبادي، ان جي لاءِ محدود وسيلن ۽ ان کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پاليسي قدمن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت ??هي. قومي سطح تي منصوبابندي ۾ آبادي اهم حيثيت رکي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آبادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ سڄي دنيا ۾ آبادي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، اڄ جي ڏينهن اسان کي دنيا جي وڌندڙ آبادي، ان جي لاءِ موجود محدود وسيلن ۽ ان کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پاليسي قدمن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت ??هي. قومي سطح تي منصوبابندي ۾ آبادي اهم حيثيت رکي ٿي. ڪو به اسرندڙ ملڪ آبادي ۽ وسيلن جي توازن کانسواءِ پنهنجي ترقي جا هدف پورا نه ٿو ڪري سگهي، ڪو به ملڪ چاهي ڪيترو به وسيلن کان مالامال ڇو نه هجي، آبادي ۾ تيزي سان اضافو ان جي لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو. هن سال آبادي جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع ”صنفي برابري جي طاقت کي استعمال ۾ آڻڻ“ ??هي. اچو هن ڏينهن اسان سڀ گڏجي پنهنجي ملڪ جي عورتن ۽ مردن جي وچ ۾ برابري سان انهن جي صلاحيتن جي ڀرپور استعمال سان ملڪي ترقي جا هدف پورا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻون. پاڪستان جي باصلاحيت عورتن جي قومي ڌارا ۾ شموليت اسان جي ملڪي ترقي ۽ افرادي قوت جي سگهه وڌائڻ جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڏيندي. صنفي برابري رڳو انساني حقن جو مسئلو نه آه?? پر اهو معاشي ضرورت به ??هي. پاڪستان جي معاشي ترقي آبادي جي وچ ۾ برابري کانسواءِ ممڪن نه ??هي. موسمياتي تبديلي، عالمي سطح تي تڪ??ارن ۽ ٻاڙائي جي ڪري اٽڪل سمورا ملڪ پ??ئيدار ترقي جا هدف (ايس ڊي جيز) کي حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتن ۾ ورتل آهن. صنفي اڻبرابري جي ڪري ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ اڃا به مشڪل ٿي وڃي ٿو. آبادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي آئون سڀني ڌرين کي درخواست ڪريان ٿو ته اهي ما??هن کي تعليم ۽ صحت جي بهترين سهولتن جي فراهمي سان انهن جي سگهه ۾ اضافو ڪن. منهنجي نظر ۾ ترقي جو صحيح نظريو ما??هن جي ڀلائي تي ٻڌل آهي، اسان کي ان حوالي سان ما??هن ۽ پاليسي سازن جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻو پوندو.
آبادي جي عالمي ڏهاڙي تي اسان کي دنيا جي وڌندڙ آبادي، ان جي لاءِ محدود وسيلن ۽ ان کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پاليسي قدمن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے