اسلام آباد – 03 –جولاءِ (اي پي پي) وقتي صدر سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي وزيراعظم جو ڌيان وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ قوم جي شهيدن جُون يادگار قائم ڪرڻ طرف ڇڪرائيندي چيو آهي ته اسان تي فرض آهي ته اسان پنهنجي شهيدن کي عوام خاص طور تي نوجوان نسل جي دلين ۾ زندهه رکون، هوائي اڏن، سرڪاري عمارتن، اسڪول، اهم رستن، ريلوي اسٽيشنز ۽ ٻين جاين تي پڻ شهيدن جون تصويرون ۽ پاڪستاني جهنڊا هن??ا وڃن. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نالي خط ۾ ان جو ڌيان وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ يادگار شهد??ءِ ملت جي قيام طرف ڇڪرايو آهي. وقتي صدر چيو ته مڃيل حقيقت تي قطعي طور تي ٻي ر??ءِ نه آهي ته ملڪ جي قيام جي لاءِ ڏني ويندڙ اسانجي ابن ڏاڏن جون قربانيون لازوال آهن. ڌرتي جي استحڪام ۽ بقاءَ جي لاءِ اسانجي شهيدن جون قربانيون به وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن چيو ته شهيد اسان جا محسن آهن، پاڪستان ۾ امن امان بهادر شهيدن ??ي لازوال قربانين جو نتيجو آهي، من حيث القوم اهو اسان تي فرض آهي ته اسان پنهنجي شهيدن کي عوام خاص طور تي نوجوان نسل جي دلين ۾ زندهه رکون، وفاقي حڪومت، وفاقي سطح تي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏجي صوبائي گادي وارن شهرن ۾ يادگار شهد??ءِ جي قيام کي يقيني بڻائي. هن چيو ته هوائي اڏن، سرڪاري عمارتن، اسڪول، اهم رستن، ريلوي اسٽيشنز ۽ ٻين جاين تي به شهيدن جون تصويرون ۽ پاڪستاني جهنڊا هن??ا وڃن، ٻاهرئين ۽ اندرون ملڪ مان ايندڙ ملڪي ۽ غيرملڪي ماڻهو ڄاڻي سگهندا ته بحيثيت قوم اسان پنهنجي شهيدن جا ٿورائتا آهيون، مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن خاص طور تي شاگردن کي انهن يادگارن جي دورن سان حب الوطني جي جذبي کي سگهه ملندي. هن چيو ته شهيدن جي مشن کي جاري رکڻ جو جذبو اسان جي نوجوان نسل جي دلين ۾ قائم ۽ دائم رهندو، اميد آهي ته توهان جلد کان جلد ان ڏس ۾ هدايتون جاري ڪندا جيڪا بهادر شهيدن کي خصوصي خراج عقي??ت پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ ننڍي ڪوشش هوندي.
وقتي صدر پاران وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ قوم جي شهيدن جُون يادگار قائم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي نالي خط
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa