پشاور – 22 – جون (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي پٺت?? پيل آبادي کي تعليم ۽ صح?? جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هيلٿ اينڊ ايجوڪيشن جي شعبن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. خيبر گرلز ميڊيڪل ڪاليج ۾ هيلٿ ريسرچ 2023ع تي عالمي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته ملڪ جي رڳو چار کان 5 سيڪڙو آبادي اعليٰ تعليم سان ليس آهي جڏهن ته عام ماڻهو کي شديد مشڪلاتون درپيش آهن. هن نشاندهي ڪئي ته ملڪ جي 250 ملين آبادي مان 27 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جڏهن ته ماڻهن جي هڪ وڏي انگ کي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ صحت جي معياري خدمتن تائين پهچ نه آهي. صدر پاليسي سازن تي زور ڏنو ته اهي جلد ۽ وق?? سدر فيصلا ڪن جڏهن ته ڌرين، سرندي وارن ماڻهن، رضاڪارن ۽ عالم سڳورن تي زور ڏنو ته اهي جديد دور جي چئلينجز بابت بيدار?? پيدا ڪرڻ ۽ ٻارن جي تعليم جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته حڪومت 27 ملين اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي لاءِ وسيلن جي کوٽ جي ڪري اسڪول قائم نه ٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي سڀني کي صح?? جون سهولتون فراهم ڪري سگهي ٿي ۽ اهڙي طرح عوام جي خدمت جي ذميواري سول سوسائٽي جي ڪلهن تي اچي ٿي. هن چيو ته ملڪي معيشت کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن جڏهن ته وق?? گذرڻ سان گڏوگڏ ان ۾ بهتري ايندي. هن وڌيڪ چيو ته استادن، ڊاڪٽرن، شاگردن، عالم سڳورن ۽ هر ماڻهو کي ملڪ جي تعمير ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن وق?? ملڪ کي ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ 9 لک نرسن جي ضرورت آهي جڏهن ته هن وق?? 2 لک تربيت يافته نرسون فيلڊ ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. هن صحت جي تحقيق تي پهرين عالمي ڪانفرنس جي منتظمين کي ساراهيندي چيو ته عالمي ماهرن سان گڏجي صحت جي شعبي ۾ ??ئي?? تحقيق وق?? جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرز خاص طور تي ??ئي?? فارغ ٿيندڙ شاگردن کي گهرجي ته اهي ??ئي?? تحقيقي موضوعن تي ڌيان ڏين ۽ ماڻهن کي متعدي ۽ غيرمتعدي مرضن ۽ احتياطي تدبيرن بابت آگاهي ڏين. صدر عورتن کي اڳتي اچڻ ۽ خاص طور تي ميڊيڪل جي شعبي ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ عملي زندگي ۾ شامل ٿيڻ جي ترغيب ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو.
صدر پاران ملڪ جي پٺتي پيل آبادي کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هيلٿ اينڊ ايجوڪيشن جي شعبن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی