اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي عالمي ميڊيا کي انٽرويوز ۾ کلي عام غلط بياني ڪري رهيو آهي، 9 مئي جي واقعن کانپوءِ ملڪ ۾ انساني حقن جي خلاف ورزي جي حوالي سان ان جو بيان گمراهه ڪندڙ آهي، ان جو مقصد پاڪستان تي دٻ??ءُ وجهڻ آهي، دنيا جو ڪو به ملڪ پنهنجي سالميت کي تباهه ڪرڻ جي اهڙي ڪوشش کي برداشت نه ڪندو، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وي??دو ته حقن جي خلاف ورزي نه ٿئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عالمي ميڊيا کي پنهنجي انٽرويوز ۾ عمران نيازي جعلي خبرن ۽ غلط ??عل??مات ذريعي کلي عام غلط بياني ڪري رهيو آهي، 9 مئي جي واقعن کانپوءِ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ سياسي احتجاج جي حق کي سلب ڪرڻ جي حوالي سان ان جو بيان گمراهه ڪندڙ آهي، جنهن جو مقصد ملڪ کان ٻاهر عوامي راءِ گمراهه ڪرڻ ۽ ملڪ تي دٻ??ءُ وجهڻ آهي. وزيراعظم چيو ته هو حقيقتن کي صحيح طور تي پي?? ڪرڻ چاهي ٿو، عمران نيازي جي پارٽي 9 مئي تي جيڪو ڪيو اهو پاڪستان رياست تي هڪ کليل حملو هو جنهن جا ڪڌا ارادا ۽ مقصد هئا، دنيا جو ڪو به ملڪ پنهنجي سالميت کي تباهه ڪرڻ جي اهڙي ڪوشش کي برداشت نه ڪندو. وزيراعظم چيو ته هو سڀني کي يقين ڏياري ٿو ته ڏوهارين سان قانون تحت منهن ڏنو وي??دو ۽ آئون ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندس ته حقن جي خلاف ورزي نه ٿئي، هر ڪيس کي قانون تحت مناسب طريقي سان منهن ڏنو وي??دو. هن چيو ته پاڪستان انساني حقن بابت پنهنجي سم??رين آئيني ۽ عالمي ذميوارين جو مڪمل احترام ڪري ٿو ۽ انهن جي ادائيگي جو پابند آهي.
عمران نيازي عالمي ميڊيا کي انٽرويوز ۾ کلي عام غلط بياني ڪري رهيو آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات