گووا – 05 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ??هي ته ڀارت کي ڳالهه ٻولهه لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو، ڪشمير بابت پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي، ??ارت جي هڪطر??ي قدم سان لاڳاپا متاثر ٿيا، ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير بابت آگسٽ 2019ع ۾ هڪطرفو قدم کنيو ??نهن سان مشڪلاتون پيدا ٿيون، ان قدم سان ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف و??زي ڪئي. ڀارت جي شهر گووا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ??ه ضروري آهي ته آگسٽ 2019ع جي هڪطر??ي قدم کي ختم ڪيو وڃي، پاڪستان جو ڪشمير بابت موقف واضح ۽ ٺوس آهي، ??شمير بابت پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي. هن چيو ??ه اسان جو سدائين کان موقف رهيو ??هي ته ڀارت سان معمول جا لاڳاپا هجڻ گهرجن، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير بابت ڀارت کي 4 آگسٽ 2019ع جي صورتحال تي واپس اچڻو پوندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ??ه شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي هن تنظيم جي ميمبر پرڏيهي وزيرن سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. هن چيو ??ه پاڪستان ۽ ڀارت جي عوام امن چاهي ٿي، ??ارت کي ڳالهه ٻولهه لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ??ه دهشتگردي جي ڪري پاڪستان شديد متاثر ٿيو، ايس سي او کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. پرڏيهي وزير چيو ??ه پاڪستان پيپلزپارٽي سدائين ڀارت سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي وڪالت ڪئي پر ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي ڀارتي هڪطر??ي قدم ماحول کي نقصان پهچايو. هن چيو ??ه 5 آگسٽ 2019ع جي هڪط??ي قدم سان نه رڳو عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن پر ٻطرفن معاهدن جي پڻ خلاف و??زي ٿي آهي. هن چيو ??ه ڀارتي خلاف و??زي سان اعتماد جي کوٽ پيدا ٿي آهي ڇو ته ڀارت مستقبل ۾ به هڪطرفي طور تي ٻطرفن معاهدن جي خلاف و??زي ڪري سگهي ٿو. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جي 20 سربراهه اجلاس جي ميزباني جي ڀارتي فيصلي بابت سوال تي پرڏيهي وزير چيو ??ه اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ??ه ڀارت کي جلد خبر پوندي ته هو 110 سيڪڙو حاضري حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهندو ڇو ته ٻيا پنهنجي اخلاقيات تي ٺاهه نه ڪندا. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ??ه بنا ڪنهن فرق جي ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر سمورن پرڏيهي وزيرن جو اهڙي طرح استقبال ڪيو ??يڪو سنڌ ۽ ملتان جي انداز سان ملندڙ جلندڙ آهي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ??ه 2026ع ۾ پاڪستان سي ايف ايم جي سربراهي سنڀاليندو، اميد آهي ته ڀارت گڏيل سفارتي معاهدن جي بنياد تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ??ه ڀارت ۽ پاڪستان ۾ اڪثر ماڻهو امن سان رهڻ ۽ ترقي ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ??ه اسان کي راندين کي سياست يا پرڏيهي پاليسي جو يرغمال بڻائڻ نه گهرجي. راندين جو مقصد اهو آهي ته توهان ان کي اهڙن مسئلن کان پري رکو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي چيئر طور پنهنجون ذميواريون نڀائڻ تي ڀارتي هم ??نص?? کي ساراهيو. هن پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي انتظامي ۽ ثقافتي شو کي پڻ ساراهيو ??نهن ۾ سمورن ميمبر ملڪن جي نمائندگي ڪئي وئي.
ڀارت کي ڳالهه ٻولهه لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو، ڪشمير بابت پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات