اسلام آ??اد??? 20 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پوليو جي موذي مرض جي خاتمي جي جدوجهد مشڪل ترين حالتن ?? جاري آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعا?? واري وفاقي وزير پوليو ٽيم ??ي هڪ ميمبر جي وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هو سخت برفاني علائقي ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته اها وڊيو پاڪستان جي پڪي عزم جو واضح ثبوت آهي. فخر جي قابل ورڪرن کي اسان جو سلام، جيڪي دهشتگردي ۽ سخت موسمن جو مقابلو ڪري اسان جي ٻارن جي صحت جي جنگ وڙهن ٿا، انهن جو پاڪستان جي ايندڙ نسلن تي احسان آهي.
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔