اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪ??تا?? پرامن پاڙيسريت تي يقين رکي ٿو ۽ خطي ۾ دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان حڪ??مت سان گڏجي ڪم ڪندو. غيرملڪي نيوز چينل کي انٽرويو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪ??تا?? جي سول ۽ ملٽري قيادت فيصلو ڪيو آهي ته ملڪ جي خلاف ڪم ڪندڙن کي برداشت نه ڪيو ويندو، ان حوالي سان مڪمل اتفاق آهي ته جيڪو به دهشتگر??ي ۾ ملوث آهي ان سان ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۽ افغان??تا?? ٻنهي کي دهشتگردي درپيش آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام دهشتگردي جو شڪار آهي جنهن کي وقت سر منهن ڏيڻ جي ضر??رت آهي. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پرامن افغان??تا?? جي لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان افغان عبوري حڪ??مت تي به زور ڏنو آهي ته اها عالمي برادري سان ڪيل واعدا پورا ڪري. هن تازي ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ آزمائش جي گهڙيءَ ۾ پاڪ??تا?? سان تعاون ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي عالمي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. بلاول ڀٽو زرداري پاڪ??تا?? جي دوستن جا ٿورا مڃيا جن جنيوا ڊونرز ڪانفرنس ۾ پاڪ??تا?? جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ مدد جو اعلان ڪيو آهي.
پاڪستان پرامن پاڙيسريت تي يقين رکي ٿو ۽ خطي ۾ دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندو: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر