اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? چيو آهي ته سياسي قيادت پاران بلوچستان جي عوام سان هيٺئين سطح تي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي، بلوچستان جي ترقي جي لا??ِ ان جي انساني ۽ قدرتي وسيلن تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، ريڪوڊڪ ۽ ٻيا منصوبا بلوچستان جي مختصر عرصي ۾ خوشحال بڻائي سگهجن ٿا. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن تعليمي دوري تي آيل ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهلو، بلوچستان جي ڪيڊٽس سان ملاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته سياسي قيادت پاران بلوچستان جي عوام سان هيـٺئين سطح تي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي، بلوچستان جي ترقي جي لا??ِ ان جي انساني ۽ قدرتي وسيلن تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي قيادت عوام سان مضبوط سياسي لاڳاپا قائم ڪري، بلوچستان جي نوجوانن کي صوبائي ۽ قومي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته بلوچستان معدنيات سان مالامال صوبو آهي، ماڻهو باصلاحيت ۽ بهادر آهن، ريڪوڊڪ سميت ٻيا منصوبا بلوچستان کي مختصر عرصي ۾ خوشحال بڻائي سگهن ٿا، بلوچستان جي قدرتي وسيلن کي بهترين عالمي طريقيڪار اختيار ڪري ترقي ڏئي سگهجي ٿي. هن چيو ته پنهنجا نوازي ۽ بدعنواني جو ??اتمو، ميرٽ ۽ شفافيت جو فروغ قوم جي تعمير جي لا??ِ ضروري آهي، ماضي جي غلطين مان سبق سکڻ، ذاتي مفادن ۽ اناءَ کي ختم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، مناسب پرورش ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن جي ڪردارسازي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، سياسي استحڪام ۽ پاليسين جو ??سلسل مالي، سماجي ۽ اقتصاد استحڪام حاصل ڪرڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي ڪنجي آهي، سموريون ڌريون پنهنجي اناءَ ۽ انتهائي رويي کي هڪ طرف رکن، عظيم تر قومي مفاد کي مٿانهون رکن. صدر چيو ته شاگرد سڄي زندگي علم هاصل ڪرڻ کي جاري رکن، پنهنجي صلاحيتن کي مسلسل نکارين، شاگرد پنهنجي اخلاقي ۽ خانداني قدرن کي برقرار رکندي صحيح ترجيحن جو ??عين ڪن. صدر معياري گريجوئيٽس تيار ڪرڻ تي پاڪستان جي ڪيڊٽ ڪاليجز کي ساراهيو.
سياسي قيادت پاران بلوچستان جي عوام سان هيٺئين سطح تي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II