اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ارونگزيب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته صحافت ۾ ڪورٽ رپورٽرز جو ڪردار تمام اهم آهي. پنهنجي بيان ۾ هن رضوان قاضي کي صدر، حسين احمد چوڌري کي جنرل سيڪ??يٽ??ي، ف??ح مه جبين کي سينيئر نائب صدر، عمران منصب خان کي سينيئر جوائنٽ سيڪ??يٽ??ي، رياض ملڪ کي فنانس سيڪ??يٽ??ي، بشارت راجا کي جوائنٽ سيڪ??يٽ??ي ۽ امبرين علي کي پريس سيڪ??يٽ??ي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. اطلاعات واري وفاقي وزير گورننگ باڊي جي ميمبرن کي پڻ مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي هن چيو ته نئين عهديدارن جي چونڊ صحافين جي انهن تي اعتماد جو اظهار آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان چونڊيل عهديدار پنهنجي ساٿي رپورٽرز جي اميدن تي پورو لهندا.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا