اسلام آباد– 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمنڊن تائين پهچ کان محروم وچ ??يشيا جي رياستن تائين اقتصادي تعاون تنظيم جي پهچ جي امڪانن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان سان خطي جا وسيع تر اقتصادي ۽ واپاري فائدا حاصل ڪرڻ ۾ مدد مل??دي. هن اها ڳالهه اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر سان ڳالهائيندي چئي، پاڪستان کي مالياتي معاونت تي صحيحن واري تقريب جي موقعي تي وزيراعظم سان اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر ملاقات ڪئي. وزيراعظم اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) ۾ وچ ??يشيائي رياستن جي شموليت جي امڪانن جي آجيان ڪئي. وزيراعظم باضابطا ايجنڊا ۽ اتفاق راءِ کانپوءِ اي سي او جي ميمبر ملڪن جي سربراهي اجلاس جي ميزباني ۽ ان ۾ وچ ??يشيا جي رياستن کي شامل ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي ۽ چيو ته ان سان اقتصادي سرگرم??ن ۽ عل??ئق??ئي تعاون کي فروغ ملندو. وزيراعظم اقتصادي تعاون تنظيم تي وچ ??يشيائي رياستن جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته اهي هڪ وڏي آبادي تي ٻڌل رياستون آهن جيڪي ريلويز ۽ زميني رابطن جي وسيع تر صلاحيت رکن ٿيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي غيرملڪي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، افغانستان جي رستي وچ ??يشيائي رياستن تائين پهچ ممڪن آهي ۽ انهن رابطن سان سمورن عل??ئق??ئي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وسعت ڏيڻ ۾ مدد مل??دي. وزيراعظم چيو ته اقتصادي ترجيحون اي سي او جي ايجنڊا آهي ۽ اقتصادي امڪانن ۾ اضافي سان پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ موقعن ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم اي سي او جي وچ ??يشيا تائين پهچ جي خيال کي ”گيم چينجر“ قرار ڏنو ۽ چيو ته گوادر جي بندرگاهه دنيا کي گئس جي فراهمي جو مرڪز بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته ٽه رخي اقتصادي تعاون جي ويزن جي ذريعي ريلوي ٽريڪس ۽ رستن جي ذريعي رابطاڪاري سان عل??ئق??ئي منظرنامو تبديل ٿيندو ۽ انهن رابطن جي انهن ذريعن سان قدرتي وسيلن کان مالامال ملڪ پنهنجون شيون برآمد ڪري سگهندا. هن اي سي او بئنڪ جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊولپمينٽ بئنڪ پاران 150 ملين يورو جي مالي معاونت ٻوڏ متاثرين جي بحالي تي خرچ ٿي??دي.
وزيراعظم پاران سمنڊن تائين پهچ کان محروم وچ ايشيا جي رياستن تائين اقتصادي تعاون تنظيم جي پهچ جي امڪانن جي آجيان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد