اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي ??رڪاري دوري تي اڄ اڱاري تي چين روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 11 اپريل 2022ع تي وزارت عظمي جو منصب سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو چين جو اهو پهريون دورو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چين جي ??ياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ ??ي دعوت تي اهو دورو ڪري رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي 20هين نيشنل ڪانگريس جي ??اريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ جي ٽئين ڀيري جنرل سيڪريٽري چونڊڻ کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف چين جو دورو ڪندڙ پهرين اڳواڻن ۾ شامل آهي. ان دوري ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ اعلي سطحي وفد به گڏ هوندو. وزيراعظم شهباز شريف جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قيادت جي ??طح تي مسلسل رابطن جي ڪڙي آهي. وزيراعظم چين ??ي دوري دوران صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ س??ن وفدن جي ??طح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ي دوري دوران ڌريون گڏيل اسٽريٽجڪ تعاون جي ??صيداري جو جائزو وٺنديون. ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ پُڻ ڪئي ويندي. دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڏي پئماني تي ٻطرفي تعاون جي ??يجنڊا تي اڳڀرائي جي ??ميد آهي. دوري ??ي دوران مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ڪيترين ئي يا??اشتن ۽ معاهدن تي صحيحن جو امڪان آهي. دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي ??فتار وڌيڪ تيز ٿيڻ جي ??ميد آهي. سي پيڪ جي ??والي سان گڏيل تعاون ڪميٽي (جي ??ي سي) جو يا??هُون اجلاس 27 آڪٽوبر 2022ع تي ٿيو هو.
وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڱاري تي چين روانو ٿيندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج