اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??يالڪوٽ سان ??علق رکندڙ واپا??ين ۽ صنعتڪارن جي هڪ وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻوڏ متاث??ين جي لاءِ پرائم منسٽر ريليف فنڊ لاءِ چيڪ پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف پڻ موجود هو. وفد ۾ سيالڪوٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو چيئرمين خواجه مسعود اختر، سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو صدر ميان ??مران ??ڪبر، الغازي ٽريڪٽرز جو سي اي او ملڪ احتشام اڪرام ۽ ٻيا صنعتڪار ۽ واپاري شامل هئا. وفد ٻوڏ متاث??ين جي لاءِ وڏي رقم جو عطيو وزيراعظم کي پيش ڪيو. وفد پاران ??اشن ۽ ٻين ضرورت جي شين جي صورت ۾ امدادي سامان پڻ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ عطيو ڪيو ويو. وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته سيالڪوٽ جي واپاري برادري متاثر علائقن جي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ جي حڪمت عملي پڻ ٺاهي آهي ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ گهرن جي تعمير جي لاءِ پڻ سيالڪوٽ جي واپاري برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم وفد پاران ??طيي کي ساراهيندي چيو ته هن آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر طبقي جي ماڻهن کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ ان ڏس ۾ خاص طور تي واپا??ين ۽ صنعتڪارن جو تمام اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، قيمتي انساني جانين کانسواءِ ٻوڏ پاڻ سان گڏ فصل??، چوپائي مال ۽ مواصلاتي انفراسٽرڪچر کي پڻ وهائي ويو. هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران ٻوڏ سٽيلن کي في خاندان 25 هزار رپيا انتهائي شفاف طريقيڪار جي ذريعي ڏنا پيا وڃن ۽ ان مد ۾ وفاقي حڪومت 70 ارب رپين جي رقم رکي آهي.
وزيراعظم سان سيالڪوٽ سان تعلق رکندڙ واپارين ۽ صنعتڪارن جي وفد جي ملاقات، پرائم منسٽر ريليف فنڊ لاءِ چيڪ پيش
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں