اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي نيوزي لينڊ، ميڪسيڪو، گهانا ۽ يوگنڊا جي سفيرن پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. ان سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. ان کان اڳ نيوزي لينڊ جي ه??ءِ ڪمشنر مائيڪل ويهي ميليسٽونگاوالش، يوگنڊا جي ه??ءِ ڪمشنر محمد تيز يڪوبا ڪسمبيرا، ميڪسيڪو جي سفير گيلر مواليجينڊر وپيوينٽي ۽ ڊوريڪا ۽ گهانا جي سفير ايررڪ اووسابوٽينگ صدر سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.
ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان 220 ملين کان و??يڪ آبادي ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جا بي پناهه امڪانن جو حامل اهم ملڪ آهي، هن نيوزي لينڊ، ميڪسيڪو، گهانا ۽ يوگنڊا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپ?? کي و??يڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان علائقائي واپار ۽ رابطن جي مرڪز جي طور تي پنهنجي صلاحيت?? کي استعمال ۾ آڻيندي دنيا جي مختلف خطن جي وچ ۾ واپار ۽ رابط?? کي و??يڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، هن سفير?? کي اهو به چيو ته هو پنهنجي ملڪن جي واپاري?? کي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏين، سفير?? کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏيندي صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپ?? کي و??يڪ سگهه ڏيڻ ل??ءِ ڪوششون ڪندا، هن و??يڪ چيو ته پاڪستان لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري جي شعبن سميت پنهنجي زرعي شعبي جي ترقي کي تمام گهني اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل فائدي جي ل??ءِ انهن شعبن ۾ مهارت جي مٽاسٽا ڪرڻ چاهي ٿو. هن دوست ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپ?? کي و??يڪ فروغ ڏيڻ ل??ءِ عوامي رابط?? کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر دوست ملڪن سان تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ نون مقرر سفيرن ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.