اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ سموري آبادي ۽ سمورن هاءِ ويز تي بهتر انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آ??ي ته ملڪ ۾ اعليٰ معيار جي آءِ سي ٽي خدمتن جي ??راهمي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ قدم کنيا پيا وڃن. ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ انٽرنيٽ جي ??راهمي تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر چيو ته حڪومت سمورن شعبن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ??اءِ وڏي پئماني تي اڀرندڙ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جديد ايپس کي اختيار ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، براڊ بينڊ ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ سان مقامي ماڻهن جي ??اءِ روزگار ۽ اي ايجوڪيشن کي فروغ ملندو. ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سياحت جون پرڪشش جايون آهن ۽ هتي انٽرنيٽ جي ??راهمي حڪومت جي اهم ترجيح آهي. صدر آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ براڊ بينڊ جي ??راهمي ۾ ايس سي او جي ڪردار کي ساراهيو. اجلاس ۾ آءِ ٽي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، گلگت بلتستان جي ??ڏي وزير خالد خورشيد، آزاد ڪشمير جي آءِ ٽي واري وزير محمد اقبال، آءِ ٽي واري وفاقي سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت کانسواءِ پي ٽي اي جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه ۽ ڊي جي ايس سي او ميجر جنرل شاهد صديق شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڊي جي ايس سي او آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ براڊ بينڊ جي ??راهمي جي ??اءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني.
ملڪ ۾ اعليٰ معيار جي آءِ سي ٽي خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: صدر
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena