اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جو پاڻ ۾ دل جو رشتو آهي ٻئي ملڪ مذهب، تاريخ ۽ اخوت جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، سعودي عرب سان اسان جا ??اڳ??پا پاڪستان جي آزادي کان پهرين جا آهن، وزيراعظم عمران خان ۽ شهزاده محمد بن سلمان جي ذريعي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جو هڪ ن??ون سفر شروع ٿيو، پاڪستاني عوام جي دل مڪي ۽ مديني سان گڏ ڌڙڪي ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي 91 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري و??اقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته 1932ع ۾ سعودي عرب ۾ حجاز ۽ نجد کي گڏائي سعودي عرب جو قيام عمل ۾ آيو جنهن کي نه رڳو مڊل ايسٽ پر دنيا جي تاريخ ۾ اهم مقام حاصل آهي، هن چيو ته ش??هه عبدالعزيز 1902ع ۾ رياض ۽ 1903ع ۾ الحصه کي فتح ڪيو ۽ حجاز ۽ نجد کي هڪٻئي سان ڳنڍيو، اهڙي طرح آلسعود هڪ نئين مملڪت جو بنياد رکيو، ان جي تاريخ حيران ڪندڙ آهي ته ڪهڙي طريقي سان هنن سعودي عرب جو بنياد رکيو، اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ??اڳ??پا پاڪستان جي آزادي کان پهرين جا آهن، 1940ع ۾ جڏهن شاهه عبدالعزيز پنهنجي پنجن ڀائرن سان گڏ ڪراچي آيو ته اسان جا سعودي عرب سان لاڳ??پا هموار ٿيا، هن چيو ته 1946ع ۾ بنگال ۾ ڏڪار آيو ته سعودي عرب قائداعظم محمد علي جناح جي اپيل تي 10 هزار برطانوي پائونڊ آل انڊيا مسلم ليگ کي عطيو ڪيا، 1946ع جي آخر ۾ جڏهن آل انڊيا مسلم ليگ گڏيل قومن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وئي ته ان جي و??د کي داخلا کان روڪيو ويو، ان وقت شاهه عبدالعزيز گڏيل قومن جي عهديدارن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي و??د کي گهرايو ۽ اهڙي طرح گڏيل قومن ۾ داخلا جي راهه هموار ڪئي، هن چيو ته ش??هه عبدالعزيز جو جهڙي قسم جو تعلق قائداعظم آل انڊيا مسلم ليگ سان هو اهو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اهم حصو آهي، هن چيو ته 1960ع کانپوءِ پاڪستان جا سعودي عرب سان دفاعي لاڳ??پا قائم ٿيا، انهن لاڳاپن جي هڪ پنهنجي تاريخ آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ محمد بن سلمان جي ذريعي لاڳاپن جو هڪ ن??ون سفر شروع ٿيو آهي، اميد آهي ته اهي لاڳ??پا هڪ نئين رخ ۽ نئين منزل تي پهچندا. هن چيو ته وزيراعظم جي خاص نمائيندي حافظ طاهر محمود اشرفي سعودي عرب ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته پاڪستان جو سعودي عرب سان دل جو رشتو آهي، پاڪستان جي هر ماڻهو جي دل مڪي ۽ مديني سان گڏ ڌڙڪي ٿو ۽ انشاءُ الله اهي لاڳ??پا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.
پاڪستان ۽ سعودي عرب جو پاڻ ۾ دل جو رشتو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II