اسلام آبا?? – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صحت انصاف ڪارڊ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي لاءِ صحت انصاف ڪارڊ بابت شهرين جي مسئلن کي پ??ڪس??ان سٽيزن پورٽل سان ڳنڍي ڇڏيو آهي ۽ وزيراعظم جي هدايت تي سٽيزن پورٽل تي صحت انصاف ڪارڊ جي نالي سان خصوصي ڪيٽيگري الاٽ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري تفصيل موجب صحت انصاف ڪارڊ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي وزيراعظم ڊيليوري يونٽ هدايتنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسپتالن ۾ علاج کان انڪار، سهولتن جي کوٽ، عملي جي رويي بابت سڌوسنئون شڪايتون پ??ڪس??ان سٽيزن پورٽل تي ڪري سگهبيون. علاج تي ايندڙ خرچ جي عدم معلومات، علاج ۾ دير ۽ غلط علاج تي پڻ شهري شڪايت ڪري ??گه??دا. وزيراعظم آفيس موجب صحت انصاف ڪارڊ جي پينل ۾ شامل اسپتالن جي مسئلن تي پڻ شڪايتون داخل ڪرائي سگهبيون. شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ اسٽيٽ لائيف جي اعليٰ آفيسرن کي خصوصي ڊيش بورڊ پڻ ا??اٽ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ لائيف جو چيئرمين شهرين جي شڪايتن جي فوري حل کي يقيني بڻائيندو.
وزيراعظم عمران خان انصاف ڪارڊ بابت شهرين جي مسئلن کي پاڪستان سٽيزن پورٽل سان ڳنڍي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری