اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? جو پا??لياماني معامن و??رو صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي صدارت ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز متعارف ڪرائڻ ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ جوڙيل ??ابينا جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس پا??لياماني معاملن واري وزارت جي ڪميٽي روم ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي و??رو وفاقي وزير امين الحق شرڪت ڪئي، جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين خصوصي دعوت تي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. نادرا چيئرمين، پا??لياماني معاملن واري وزارت ۽ سائنس ٽيڪنالاجي واري وزارت جي آفيسرن به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي ب??يف??گ ڏيندي نادرا چيئرمين ٻڌايو ته پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ حڪومت جي جاري ڪيل آرڊيننس ۽ آئين موجب نظام جي تياري جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي جيڪو هن سال اندر مڪمل ٿيندو، ان نئين نظام ۾ انتظامي ۽ اليڪشن ڪميشن جي اختيارن کي مڪمل ڌار رکيو ويندو ۽ ووٽ جي رازداري کي قائم رکيو ويندو. نادرا چيئرمين ٻڌايو ته گذريل ??ينهن هن اليڪشن ڪميشن کي به پنهنجي موجوده نظام جي باري ۾ ب??يف??گ ڏني جنهن کي هن ساراهيو ۽ اصولي طور تي اهو ڪم نادرا کي ڏيڻ جو اش??رو ڏنو. ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي فيصلو ڪيو ته نادرا ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ماهرن جو اجلاس اڄ 4 آگسٽ تي ٿيندو جنهن ۾ مشاورت سان گڏ رپورٽ تيار ڪئي ويندي جنهن کي ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي 9 آگسٽ 2021ع تي پنهنجي ايندڙ اجلاس ۾ غور هيـٺ آڻيندي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ نادرا چيئرمين کي ساراهيندي چيو ته سندس ڪوششن سان اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا هڪ پيج تي اچي رهيا آهن، هن هدايت ڪئي ته هو ب??يف??گ مختلف پا??لياماني ڪميٽين ۾ به پيش ڪرڻ لاءِ تيار رکي.
ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي صدارت ۾ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن