اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت، تعليم ۽ رستن جي بنيادي ڍانچي سان گڏ ڪچي آبادين کي ترقي يافته علائقن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا انهن علائقن جي ترقي لاءِ ڪميونٽي ۽ نجي شعبي سان گڏجي حڪمت عملي جوڙين، انهن علائقن ۾ ر??ندڙ ماڻهن جي رهائشي مسئلن جي حل لاءِ به طريقيڪار تيار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪچي آبادين بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪراچي ۾ جمشيد ڪوارٽراز، پاڪستان ڪوارٽرز ۽ ريلوي ڪچي آبادين جي ترقي ۽ انهن جي رهواسين کي متبادل انتظامن جي فراهمي جي سلسلي ?? مختلف قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو ته هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا انهن علائقن جي ترقي جي لاءِ ڪميونٽي ۽ نجي شعبي سان گڏجي حڪمت عملي جوڙين. انهن علائقن ۾ ر??ندڙ ماڻهن جي رهائشي مسئلن جي حل لاءِ پڻ طريقيڪار تيار ڪيو وڃي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ ڪچي آبادين بابت اجلاس
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں