اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا شهباز شريف طرف??ن پي اي سي جي چيئرمين جي عهدي کي بدعنواني جي ڪيسن جي خلاف ڍال طور استعمال ڪرڻ تي ڳڻتي ج?? اظهار ڪيو آهي، اخلاقي طور تي شهباز شر??ف کي پي اي سي جي چيئرمين جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪابينا اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا پي اي سي جي چيئرمين جي عهدي کي شهباز شريف جي طرف??ن پنهنجي ڪيسن ۾ ڍال جي طور تي استعمال ڪرڻ تي سخت ناپسنديدگي ج?? اظهار ڪيو آهي، شهباز شريف جڏهن ک??ن پي اي سي جو چيئرمين بڻيو آهي هو پنهنجي آفيس جي ذريعي نيب ڪيسن جي جاچ کان بچي رهيو آهي، اهڙي وڏي ڪرپشن جي ڪيس جي باوجود شهباز شريف اسلام آباد ۾ موجود آهي ۽ هاڻي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته سعد رفيق کي پي اي سي جو ميمبر بڻائي ان لاءِ روزانو پروڊڪشن آرڊر حاصل ڪري سگهجن، ان سڄي صورتحال تي شهباز شر??ف کي گهرجي ت?? اخلاقي طور تي پي اي سي جي چيئرمين جي عهدي کان ڌار ٿي ??ڃي.
وفاقي ڪابينا پاران شهباز شريف کان استعيفا جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج