اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي ??ي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته قومي زبان کي تعليم جو ذريعو نه بنائڻ سان ملڪ جو جوهر غربت جي انڌيرن ۾ ٻڏي ويو ۽ ڪتاب کان دوري عالمي سطح تي بي چيني ۽ خونريزي جو رستو کوليو آهي، علمي ۽ تحقيقي سرگرمين کي قومي زبان سان وابسته ڪيو وڃي ۽ کين مقامي حالتن ۽ ماحول موجب فروغ ڏنو وڃي، اهل علم ۽ رياستي ادارن ج?? فڪر ۽ عمل جي وچ ۾ هم آهنگي پ??دا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستاني قوم ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ڪشميرين سان گڏ آهي ۽ پاڪستان ڀارت جي بدترين تشدد جي شديد مذمت ڪري ٿو، ڪشميرين کي گڏيل قومن ??ي قراردادن موجب خودمختياري وارو حق ڏنو وڃي ۽ عالمي برادري ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هو هتي نيشنل بڪ فائونڊيشن ج?? سالياني ڪتاب ميلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، وزيراعظم جو قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري صلاحڪار عرفان صديقي، وفاقي سيڪريٽري انجنيئر عامر حسن ۽ نيشنل بڪ فائونڊيشن ج?? مينيجنگ ڊائريڪٽر انعام الحق جاويد به تقريب کي خطاب ڪيو.
قومي زبان کي تعليم جو ذريعو نه بنائڻ سان ملڪ جو جوهر انڌيرن ۾ ٻڏي ويو: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ