اسلام آباد/لاهور – 24 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته موجوده حڪومت محدود وسيلن جي باوج??د مسئلن تي ضا??طو آڻي ورتو آهي، ايندڙ 15 سالن لاءِ بجلي جي ضرورتن ??وجب پيداواري منصوبا مڪمل ڪيا آهن، بيروزگاري جي خاتمي ۾ صنعت جو ڪردار بنيادي اهميت رکندڙ آهي، صنعتڪارن کي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي ذميداري آهي.سندر انڊسٽريل اسٽيٽ لاهور ۾ فاسٽ ڪيبل طرفان ملڪ جي پهرين سي سي وي لائين ۽ ايلومينيم لائي مينوفيڪچرنگ پلانٽ جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته فاسٽ ڪيبل طرفان سي سي وي ڪيبل جي پهرين جديد ترين پلانٽ جو افتتاح خوش آئنده آهي جنهن سان بجلي جي پيداواري خرچن ۽ ترسيل جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم