اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير انوشه رحمان چيو آهي ته پاڪستان ”ميڊ ان پاڪستان“ پورٽل جاري ڪري رهيو آهي جيڪو 50 هزار دستڪارن کي آن لائين آڻيندو، ??ها ڳالهه هن گذريل ڏينهن عالمي اقتصاد?? فورم جي موقعي تي اي ڪامرس بابت آءِ سي ٽي کي فروغ ڏيڻ لاءِ پاڪستاني ق??من کي اجاگر ڪندي چئي، انوشه رحمان چيو ته پاڪستان ۾ اسان سوچون ٿا ته سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز (ايس ايم ايز) جي ترقي جو ڪراس بارڊر اي – ڪامرس جي ترقي سان سڌو سنئون تعلق آهي، هن چيو ته حڪومت سڌي سنئين وزيراعظم جي سربراهي ۾ اي – ڪامرس پاليسي بورڊ جوڙيو آهي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت، واپار واري وزارت سان گڏ ان پاليسي تحت ملڪ ۾ جامع اي – ڪامرس پاليسي فريم ورڪ جوڙڻ جي غرض سان تعاون ڪري رهي آهي جيڪا سمال ب??نسز کي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي ثمرن مان فائدو کڻڻ ۾ مددگار ٿيندو
پاڪستان ميڊ ان پاڪستان پورٽل جاري ڪري رهيو آهي: انوشه رحمان
مضمون کا ماخذ : رومن دولت