اسلا?? آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب جي ذريعي قبائلي علائقن سميت سڄي ملڪ ۾ ده??تگ??دن جي نيٽ ورڪ کي تباهه ڪيو ويو آهي، پاڪستان ده??تگ??دن جي خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي، اسان هر قسم جي ده??تگ??دن جي خلاف آهيون ۽ پنهنجي سرزمين تي ڪنهن به قسم جي ده??تگ??دن کي برداشت نه ڪنداسين. سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ اپوزيشن جي ڪيترن ئي ميمبرن طرفان جمع ڪرايل رٿ جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته آمريڪي سينيٽ جي آرمز سروسز ڪميٽي جي چيئرمين جان مڪين جي سربراهي ۾ 2 کان 3 جولاءِ تائين 5 رڪني آمريڪي وفد پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ ان دوران وزيراعظم ۽ صلاحڪار سان به ملاقاتون ڪيون، آمريڪي سينيٽرز جو وفد آرمي چيف سان به مليو ۽ کين ده??تگ??دي جي خاتمي واري آپريشنز جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو.
آپريشن ضرب عضب سان دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي تباهه ڪيو ويو آهي: سرتاج عزيز
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل