اسلام آباد – 03 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 2013ع ۾ ڊيفالٽ جي پوزيشن تي بيٺل پاڪستان کي وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ اڻٿڪ محنت، لگن ۽ لاڳيتو ڪوششن جي ڪري اڄ سڄي دنيا ۾ اڀ??ندڙ معيشت رکندڙ ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان به شامل ٿي چڪو آهي. هو پريس ان??ارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ چترال پري?? ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. ايم اين اي افتخار الدين، پي آءِ او رائو تحسين علي، چترال پري?? ڪلب جا عهديدار ان موقعي تي موجود هئا. اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب کي چترال پري?? ڪلب جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري چترال جي خوبصورت شال جو تحفو پيش ڪيو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات