برسلز -10 سيپٽمبر(اي پي پي) يورپي يونين جي پرڏيهي ۽ سلامتي معاملن جي نمائندي جوزف بوريل چيو آهي ته غزه ۽ مصر وچ ۾ سرحد جو ڪنٽرول ٻيهر وٺڻ تي ??ال??يون جاري آهن. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب هن چيو ته يونين ان معاملي کي ڏسي رهي آهي ۽ سرحدي نگراني ??ي مشن کي ٻيهر شروع ڪرڻ تي ??ال??يون جاري آهن. مقصد اسرائيلي جنگي ڪارروائين سبب متاثر غزه جي شهرين کي پٽي مان ٻاهر ڪڍڻ ۽ انهن کي طبي امداد فراهم ??رڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته يونين ??ال??يون ڪري رهي آهي ته جيئن ان جي سرحد جو نگراني مشن جيڪو مصر ۽ غزه جي سرحد تي ڪيترن ئي ??ال?? کان مقرر هيو واپس اچي هڪ ڪراسنگ پوائنٽ کولي سگهي ۽ ان ڪراسنگ پوائنٽ ذريعي امداد کان محروم زخمين کي ڪڍي سگهجي. هن غزه ۾ جلد جنگ بندي تائين پهچڻ جي عزم ج?? اعلان ڪيو. هن چيو ته ان مرحلي تي جيڪا اهم آهي اها جنگ بندي آهي. هن جنگ بندي تائين پهچڻ ۾ دير تي افسوس جواظهار ڪندي چيو ته ٻڌڻ آيو آهي ته جنگ بندي ٿيڻ واري آهي پوءِ ٻئي ڏينهن چيو ويندو آهي ته اها سڀاڻي ٿي ويندي.اي پي پي/ ا – ٻ/ م – ش / ج – پ 10:00
غزه ۽ مصر وچ ۾ سرحد جو ڪنٽرول ٻيهر وٺڻ تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي: يورپي يونين
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔