رام الله_23 نومبر(اي پي پي) وچ اوڀر ۾ انساني مع??ملن لاءِ آمريڪا جي ِ خاص نمائندي ڊيوڊ سيٽر فيلڊ چيو آهي ته انهن جو ملڪ غزه پٽي مان فلسطين??ن کي ڪنهن ٻئي ملڪ منتقل ڪرڻ جي مخالفت ڪري ٿو، ميڊيا رپورٽن موجب ڊيوڊ سيٽر فيلڊ چيو آهي ته اسرائيلي فوجي ڪارواين سبب غزه پٽي جي ڏکڻ مان بي گهر ٿيلن کي جلد کان جلد پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي، هن لبناني تنظيم حزب الله کي خ??ردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اها ڇڪتاڻ کان بچڻ چاهي ٿي ته اسرائيل تي حملا بند ڪري، واضع رهي ته آمريڪي نمائندي جو اهو بيان اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ قيدين جي مٽا سٽا وارن مع??هدن جي اعلان ۽ غزه پٽي ۾ هڪ عرصي کان جنگ بندي کان پوءِ سامهون آيو آهي. اسرائيل ان جنگ ۾ غزه ۾ هن وقت تائين 14 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 33 هزار زخمي ٿي چڪا آهن.
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش