بغداد_04 آڪٽوبر(اي پي پي) عراق جي شهر الحمدانيه جي شادي هال ۾ لڳال باهه سبب فوتگين جو انگ وڌي 119 ٿي ويو آهي، باهه ??ڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ڪنوار جو پيءُ ??ڻ گذريل ڏينهن زخ??ن جا سو?? نه سهندي لاڏاڻو ڪري ويو. ميڊيا رپورٽن موجب عراق جي صحت کاتي چيو آهي ته الحمدانيه ۾ باه ??ڳڻ سبب سڙي فوت ٿي ويلن جو تعداد 119 تائين پهچي ويو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب شادي هال ۾ باه ??ڳڻ جي صورت ۾ ان کان بچڻ لاءِ جوڳا انتظام نه هئا جنهن جي ڪري تمام گهڻو نقصان ٿيو، عراق جي گهرو وزير عبدالامير الشمري جو چوڻ آهي ته شادي هال جي مالڪ اهڙي جاءِ تي جيڪا وڌ کان وڌ 400 ماڻهن لاءِ مختص هئي ۾ 900 ماڻهن کي داخل ڪيو، شادي هال کان نڪرڻ لاءِ ايمرجنسي گيٽ نه هو، جڏهن ته تحقيق کان پوءِ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته هال جي ڇت ۾ تيزي سان باه کي ڦهلائڻ وارو مواد شامل هو.
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث