ڪابل- 15 آگسٽ(اي پي پي) افغانستان ۾ طالبان ج?? حڪومت کي 2 سال مڪمل ٿي ويا. فرانس جي خابرو اداري مطابق امارات اسلامي افغانستان ۾ 15 آگسٽ 2021ع تي آمريڪا جي قيادت هيٺ اتحادي فوج جي نڪرڻ بعد طالبان اقتدار سنڀالو جنهن کي گذريل ڏينهن 2 سال مڪمل ٿي ويا، ان موقعي تي طالبان ميمبرن جا قافلا مسعود اسڪوائر تي گڏ ??يا ۽ ترانو وڄايو ويو. افغان اٿارٽي گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ افغانستان ۾ اسلامي نظام جي قيام جي راهه هموار ڪرڻ جي حوالي سان ڪاميابي ک?? ساراهيو. بيان ۾ چيو ويو ته ڪابل جي فتح هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو ته افغانستان جي قابل فخر قوم کي ڪو به ڪنٽرول نٿو ڪري سگهي ۽ اهي ڪنهن کي ملڪ جي آزادي ک?? خطري ۾ وڍڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. افغانستان جي اول??ند?? صوبي هرات ۾ طالبات جي حامين تي ٻڌل ميڙ افغانستان زنده باد جا نعرا لڳايا. ان موقعي تي ڪيترن شهرن ۾ تقريبون منعقد ڪيون ويون.
افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت کي 2 سال مڪمل
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی