اسلام دولت جمع ڪرڻ کي زهر قرار ڏنو آهي، قومون ٻٽي معيار سان نه پر درگذر سان ٺهنديون آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي


اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ معاشي پاليسيون جوڙڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسلام دولت جمع ڪرڻ کي زهر قرار ڏنو آهي، قومون ٻٽي معيار سان نه پر درگذر سان ٺهنديون آهن، دنيا هڪ سٺي اخلاقي معيار جي ڳولا ۾ آهي، جن معاشرن ۾ انصاف قائم هجي، درگذر هجي ۽ غريب جو خيال رکيو وڃي اهي معاشرا ڪامياب ٿين ٿا، حضور ﷺ جي زندگي اسان سڀني جي لاءِ هڪ بهترين نمونه حيات آهي، اسان کي عمل طرف اڳتي وڌڻو پوندو. هو مذهبي معاملن واري وفاقي وزارت جي اهتمام هيٺ سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس ۾ ”ملڪي معاشي استحڪام جي لاءِ حڪمت عملي…. سيرت النبي ﷺجي روشني ۾“ جي عنوان سان پڄاڻي واري ويهڪ کي خطاب ڪري رهيو هو. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير انيق احمد، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، پرڏيهي سفيرن، اهم عالم سڳورن جو وڏو انگ تقريب ۾ شريڪ هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حضرت محمد ﷺ دنيا ۾ ايترو وڏو انقلاب آندو جيڪو قيامت تائين پنهنجو اثر رکندو. هن چيو ته معاشرتي اصولن سان گڏوگڏ اخلاقي اصولن تي قائم معاشرا ترقي ڪن ٿا. هن چيو ته قرآن پاڪ ۽ سنت رسول ﷺ قيامت تائين ايندڙن جي لاءِ هدايت جو سرچشمو آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ اسان جون ذميواريون به لڳايون آهن جهڙوڪ نماز قائم ڪرڻ، رزق حاصل ڪرڻ، زڪوات خيرات ڪرڻ شامل آهي، حضور ﷺ الله تعاليٰ جو پيغام کڻي آيا ته الله هڪ آهي ۽ شرڪ نه ڪريو، پاڻ ﷺ انصاف جو نظام قائم ڪيو، غريب جي ٻڌي. هن چيو ته سيرت النبي ﷺ مان اسان کي خبر پوي ٿي ته پاڻ ﷺ به اشرافيه، ظلم ۽ ڏاڍ جي باوجود هڪ ٽيم ٺاهي ۽ هڪ انقلاب آندو جيڪو پوري دنيا تي ڇائنجي ويو. هن چيو ته اڄ به اسان کي اهڙي طرح جي جذبي، تحريڪ ۽ ايثار جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسلامي معاشري ۾ سدائين کان غريبن ۽ بي سهارا ماڻهن جو خيال رکيو ويو ۽ انصاف يقيني بڻايو ويو. پاڻ ﷺ سدائين تلقين ڪئي ته حڪمران پنهنجا دروازا سدائين کليل رکن، پنهنجي زندگي جو معيار اتان جي عوام موجب بڻائين ۽ غريبن جو خيال رکن. هن چيو ته گذريل هفتي هڪ ڪتاب جي مطالعي دوران پڙهيو ته ڪنهن اسلامي رياست قانون نه ٺاهيو پر اتان جي ماڻهن جي مسئلن موجب قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ فيصلا ڪيا ويا جيڪي بعد ۾ قانون جي شڪل اختيار ڪري ويا. هن چيو ته 18 هين صديءَ ۾ 10 لک ماڻهن جو قتل ٿيو، عالمي جنگيون لڳيون ۽ جيڪي ڪيترائي سال هلنديون رهيون، اهو سڀ ڪجهه اتي ٿيو جتي جمهوريتون هلي رهيون هيون. هن چيو ته درگذر کانسواءِ گهر، ڀاءُ، خاندان، معاشرو، ملڪ ۽ قومون ناهن ٺهنديون، درگذر جي ذريعي ئي سڀني کي ڳنڍي سگهجي ٿو. طاقت سدائين خراب ڪري ٿي. هن چيو ته منهنجو ايمان آهي ته دنيا واپاري اخلاقيات، زبان جي سچي ۽ پڪي ماڻهن جي ڳولا ۾ آهي. هن چيو ته اسلام عورت کي درجو ڏنو آهي، وراثت ۾ ان جو حق آهي پر پاڪستان ۾ اڃا به وراثت ۾ عورتن جي حق ۾ ڪنجوسي نظر اچي ٿي. عورتن کي اڳتي وڌڻو پوندو ۽ ملڪي معيشت ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته بنا علم جي دنيا ۾ مقابلو نه ٿو ڪري سگهجي، اسان کي هر سطح تي ان تي ڪم ڪرڻو پوندو، هن وقت به 2 ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، اسان سڀني کي گڏجي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو پوءِ ئي اسان صحيح رخ ۾ اڳتي وڌنداسين.

مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔

متعلقہ مضامین