اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو 35 هون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد م??اد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ، بلوچس??ان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ پنجاب جي ناڻي واري وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا سميت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. سي سي آءِ 24 نومبر تي ٿيندڙ اجلاس دوران ڪيل فيصلا لاڳو ڪرڻ جي صورتحال جو جائزو ورتو. تعليم ۽ پيشيواراني تربيت واري وفاقي وزير سي سي آءِ کي اعليٰ تعليم ۽ لاڳاپ??ل ادارن بابت معاملن ۽ 18 هين ترميم کانپوءِ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني.
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná