بيجنگ – 13 مئي (اي پي پي( وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي توانائي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نيشنل انرجي ايڊمنسٽريشن (اين اي اي) هڪ ڀروسي ج??ڳو ۽ موثر حصيدار آهي، چيني حڪومت ۽ چيني نيشنل انرجي ايڊمنسٽريشن جي بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبن ذريعي توانائي بحران جي خاتمي ۾ پاڪستان جي مدد تعاون جو اعليٰ مثال آهي. هو نيشنل انرجي ايڊمنسٽريشن جي اهتمام هيٺ منعقد ڀاشا پراجيڪٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ ۽ ب??وچستان جي وڏي وزير ثناءُ الله زهري کانسواءِ وفا??ي وزير احسن اقبال، اسحاق ڊار، خواجه سعد رفيق، انوشه رحمان، خرم دستگير ۽ وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک