اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته اقتصادي لنگهه کي ڪامياب بڻائڻ جي ڏس ۾ خطي جي ملڪن جي وچ ۾ آ??ان رابطن جي لاءِ نئين لساني تجربن جي ضرورت هوندي جنهن جي لاءِ اردو زبان بهترين بنياد فراهم ڪري ٿي. اها ڳالهه هن نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويجز جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چئي. صدر چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري کي فعال بنائڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ غير ملڪي واپارين، صنعتڪ??رن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن جي وڏي تعداد ۾ آمدرفت جو سلسلو شروع ٿئي ته ٻولي جا مسئلا گڏيل رابطن ۾ رڪاوٽ نه بڻجي سگهن، انهي سوچ کي نظر ۾ رکندي ايوان صدر جي خرچن ۾ گهٽتائي ڪري نمل کي هڪ موچاري رقم عطئي طور پيش ڪئي هئي ته جيئن گوادر ۾ ان يونيورسٽ?? جو ڪيمپس قائم ڪري اتي جي نوجوانن کي چيني ٻولي سيکاري سگهجي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت