باڪو – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد نواز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان وسيع ٻه طرفي لاڳاپن جي ب??ري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي وچ ۾ مضبوط اقتصادي ۽ سيڙپڪاري رابطا هموار ڪرڻ تي زور ڏنو. وفدن جي سطح ت?? ڳالهين کان اڳ نويڪلائي ۾ ملاقات ۾ وزيراعظم ??اڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جي موجوده رشتن کي واپار ۽ سيڙپڪاري جي نئين رابطن ۾ منتقل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن آذربائيجان جي صدر کي پنهنجي حڪومت جي توانائي، بنيادي ڍانچي ۽ بجلي جي منصوبن جي ب??ري ۾ آگاهه ڪيو جيڪو 46 ارب ڊالر لاڳت جي پاڪ چين اقتصادي راهداري تحت مڪمل ڪيا ??يا وڃن ۽ ان سان وچ ايشيائي رياستن جي سيڙپڪارن جي لاءِ به سيڙپڪاري جا بي شمار موقعا موجود آهن.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ