اسلا?? آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته چئني صوبن مان اليڪشن ڪيمشن جي ميمبرن جي نالن کي حتمي شڪل ڏئي انهن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي ۽ ان ??وا??ي سان وزيراعظم محمد نواز شريف کي خط لکي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن عمران خان جي تجربن کي سامهون رکون ها ته پاڪستان جو اليڪشن ڪميشن ڪڏهن به نه ٺهي ها، جيڪڏهن ٺهي به وڃي ها ته ٽٽي وڃي ها، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي نالن کي آئين ۽ قانون موجب حتمي شڪل ڏني وئي آهي، اليڪشن ڪميشن جي انهن ميمبرن مان ٻن کي اڍائي سال ۽ ٻن کي 5 سالن جي لاءِ مقرر ڪيو ويندو جڏهن ته ان ??وا??ي سان فيصلو ڪُڻن ذريعي ڪيو ويندو. چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي لاءِ قائم پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد جي صدارت ۾ پارليا??ين?? هائوس ۾ ٿيو.
اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي نالن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2