واشنگٽن -30 سيپٽمبر (اي پي پي) وائيٽ هائوس جي قومي سلامتي ڪائونسل جي ترجمان جان ڪربي چيو آهي ته ??مريڪا، ايران جي جاري ڪيل بيان کي سنجيدگي ??ان ٻڌي رهيو آهي ۽ انتظار ڪري رهيو آهي ته ??يران ڇا ڪندو . پرڏيهي ميڊيا موجب جان ڪربي انٽرويو ۾ چيو ته ????ان لبنان ۾ ايندڙ صحيح قدم بابت اسرائيل ??ان ڳالهيون ڪندا رهندا آهيون . آمريڪا ، حزب الله قيادت جو خال ڀرڻ جي ڪوششن کي ڏسڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ??زب الله يا ايران ??ان جنگ اتر اسرائيل ۾ آبادي جي حفاظت ۽ انهن کي گهرن ڏانهن واپس موڪلڻ جو رستو ناهي. اسرائيل جي سلامتي لاءِ آمريڪا جي حمايت ٺوس آهي. ان ۾ ڪا تبديلي نه ايندي. ياد رهي ته ??يران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪا تي حسن نصرالله جي قتل ۾ اسرائيل جو ساٿي هجڻ جو الزام لڳائيندي اهو بيان ڏنو هو ته ??سن نصرالله جو قتل بنا ڪنهن رد عمل جي نه ڇڏينداسين. ايران جي پرڏيهي وزير چيو ته ??سرائيل لبنان ۾ جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي ان ڪري بي چين آهيون ۽ اسرائيل کي به سڪون نه ملندو. ه?? ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته ??يروت ۾ ايراني پاسدارا?? انقلاب جي ڊپٽي ڪمانڊر عباس نيلفروشان جي قتل جي ذميواري اسرائيل تي لاڳو ٿئي ٿي. هن ايراني پاسدارا?? انقلاب جي ڪمانڊر حسين سلامي جي نالي تعزيتي خط ۾ لکيو ته ??رگيڊيئر جنرل نيلفروشان جي قتل جي ڏوهه جو جواب ورتو ويندو. هن چيو ته ??ن سلسلي ۾ کي?? انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ سمورن سياسي ، سفارتي، قانوني ۽ عالمي فورمن تي آواز اٿاريو ويندو.
ايران جا بيان ٻڌي رهيا آهيون، انتظار ڪري رهيا آهيون ته هو ڇا ڪندو: وائيٽ هائوس
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی