بيروت _ 29 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا سميت نيٽو جي ڪيترن ميمبر ملڪن لبنان ۾ موجود پنهنجن شهرين کي چيو آهي ??ه اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ امڪاني ط??ر تي ڀرپور جنگ کي نظر ۾ رکندي فوري ط??رتي ملڪ ڇڏي ڏين. ڇنڇر تي اسرائيل جي قبضي هيٺ گولان جي جبلن واري شهر مجدان شمس ۾ راڪيٽ حملي ۾ 12 ماڻهن مارجي وڃڻ بعد خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي ويو آهي. اسرائيلي ڊيفنس فورسز دعوى ڪئ?? آهي ??ه اهو ايراني ساخت جو ميزائل هو جنهن کي حزب الله ڏکڻ لبنان مان فائر ڪيو هو پر حزب الله ان حملي ۾ ملوث ٿيڻ کان انڪار ڪيو. بيروت ۾ آمريڪي سفارتخاني طرفان جاري ايڊوائزري ۾ آمريڪي شهرين تي زور ڏنو ويو آهي ته هو لبنان جي سفر تي سختي سان نظر ثاني ڪن ڇو جو ملڪ ۾ سيڪيورٽي صورتحال خرا?? ٿي وئ?? آهي ۽ تيزي سان تبديل ٿي سگهي ٿي.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا